حاجي عارب لنڊ جي اَٺ دري قبي

حاجي عارب لنڊ جي اَٺ دري قبي: ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ پٽ سليمان ۾ سڀ کان اهم نقاشي عارب لنڊ جي قبيءَ ۾ ٿيل آهي. هيءَ قبي قبرستان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊتي آهي ۽ اٺ دري آهي. چوڪور چبوتري تي هيءَ اٺڪنڊي عمارت، ان ۾ ٿيل نقاشيءَ سبب ڪاڇي جي عمارتن ۾ پنهنجي خاص جاءِ والاري ٿي گنبذ هيٺ فقط هڪ قبر آهي. گنبذ جي ڳچ تي اندرئين پاسي هر طرف جدا جدا منظر چٽيل آهي. هڪ تصوير ۾ گهوڙيسوار سورمو شينهن جو شڪار ڪندو نظر اچي ٿو، جيڪو ’ڪميت‘ گهوڙي تي سوار آهي. گهوڙي کي خوب سينگاريو ويو آهي، جنهن تي ويٺل شهسوار پنهنجو ڊگهو ڀالو شينهن جي ڇاتيءَ ۾ کپايو بيٺو آهي. شينهن جو رت وهي رهيو آهي. گهوڙي جي پٺيءَ تي شينهن جي کل وڇايل آهي، شهسوار جي چيلهه سان تلوار به ٻڌل آهي ۽ مخروطي ٽوپ پاتل اٿس. ٻي تصوير ۾ ٿلهو متارو ڏنڀرو چٽيل آهي، جيڪا منڇر جي سڀ کان مقبول مڇي آهي. ٽين تصوير ۾ هڪ مالدار شخص جي کٽ آهي، تصوير ڪجهه ڊهي چڪي آهي، جنهن ڪري پتو نه ٿو پوي ته کٽ تي ڪير ويٺل آهي. کٽ جي ٻنهي پاسي هڪ طرف ڪنڍي مينهن ۽ ٻئي پاسي ڪارو ڏاند ٻڌل آهي. چوٿين تصوير ۾ هڪ پالڪي نظر اچي ٿي جنهن جا ٻيا تفصيل ڊهي ويا آهن. پنجين تصوير ۾ هڪ همراهه ڪلهي تي جامڪي بندوق کڻي گهمندو نظر اچي ٿو. جنهن کي به چيلهه سان تلوار ٻڌل، مٿي تي مخروطي ٽوپي، جسم تي تنگ پاجامو ۽ راجستاني پڙو پاتل آهي. ڇهين تصوير ۾ ٻه مور چنهبن سان هڪ نانگ سان ويڙهه ۾ مصروف آهن، ستين تصوير جي آهي، جيڪا هن وقت بلڪل ڊٺل حالت ۾ آهي. اٺين تصوير ۾ انب چٽيل آهن. گنبذ جو اندريون پاسو به گلدستن سان خوب چٽيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو